Sindhi
Surah الانشقاق - Aya count 25
إِذَا السَّمَاءُ انشَقَّتْ
( 1 ) جڏھن آسمان ڦاٽندو.
وَأَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ
( 2 ) ۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس.
وَإِذَا الْأَرْضُ مُدَّتْ
( 3 ) ۽ جڏھن زمين پکيڙبي.
وَأَلْقَتْ مَا فِيهَا وَتَخَلَّتْ
( 4 ) ۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي.
وَأَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ
( 5 ) ۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس.
يَا أَيُّهَا الْإِنسَانُ إِنَّكَ كَادِحٌ إِلَىٰ رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلَاقِيهِ
( 6 ) اي ماڻھو تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين جو اُن کي (وڃي) ملندين.
فَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ بِيَمِينِهِ
( 7 ) پوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو.
فَسَوْفَ يُحَاسَبُ حِسَابًا يَسِيرًا
( 8 ) تنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو.
وَيَنقَلِبُ إِلَىٰ أَهْلِهِ مَسْرُورًا
( 9 ) ۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو.
وَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ وَرَاءَ ظَهْرِهِ
( 10 ) ۽ اُھو ماڻھو جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺي پويان ڏبو.
فَسَوْفَ يَدْعُو ثُبُورًا
( 11 ) سو سگھوئي موت کي سڏيندو.
وَيَصْلَىٰ سَعِيرًا
( 12 ) ۽ دوزخ ۾ گھڙندو.
إِنَّهُ كَانَ فِي أَهْلِهِ مَسْرُورًا
( 13 ) ڇوته اُھو (دنيا ۾) پنھنجن گھر وارن ۾ خوش (حال) ھو.
إِنَّهُ ظَنَّ أَن لَّن يَحُورَ
( 14 ) بيشڪ انھيءَ ڀانيو ھو ته (الله ڏانھن) ڪڏھن نه موٽندو.
بَلَىٰ إِنَّ رَبَّهُ كَانَ بِهِ بَصِيرًا
( 15 ) ھائو! (موٽندو) ڇوته سندس پالڻھار اُن کي ڏسندڙ آھي.
فَلَا أُقْسِمُ بِالشَّفَقِ
( 16 ) پوءِ شفق جو قسم کڻان ٿو.
وَاللَّيْلِ وَمَا وَسَقَ
( 17 ) ۽ رات جو (قسم) ۽ جنھن کي گڏ ڪيو اٿس.
وَالْقَمَرِ إِذَا اتَّسَقَ
( 18 ) ۽ چنڊ جو (قسم) جڏھن پورو روشن ٿئي.
لَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ
( 19 ) ته ھڪ حال کان ٻئي حال تي ضرور چڙھندؤ.
فَمَا لَهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ
( 20 ) پوءِ ھنن (ڪافرن) کي ڇا (ٿيو) آھي جو ايمان نه آڻيندا آھن.
وَإِذَا قُرِئَ عَلَيْهِمُ الْقُرْآنُ لَا يَسْجُدُونَ ۩
( 21 ) ۽ جڏھن وٽن قرآن پڙھبو آھي (ته) سجدو نه ڪندا آھن.
بَلِ الَّذِينَ كَفَرُوا يُكَذِّبُونَ
( 22 ) بلڪ (اھي) ڪافر ڪوڙ ڀانئيندا آھن.
وَاللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا يُوعُونَ
( 23 ) ۽ جيڪي (پنھنجين دلين ۾) سانڀيندا آھن سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
فَبَشِّرْهُم بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
( 24 ) پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.
إِلَّا الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ لَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍ
( 25 ) پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي.